پٽاليني، راوڙ ۽ پالي ڪتاب جي تصوير

پٽاليني، راوڙ ۽ پالي ڪتاب جي تصوير

پٽاليني راوڙ ۽ پالي

پٽاليني، راوڙ ۽ پالي (ڪتاب ):رٽائرڊ سينيئر ميمبر، بورڊ آف روينيو، محمد صلاح الدين قريشيءَ جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي قدامت، عيسوي صديءَ جي شروعات کان اڳ ستن وڏن وهڪرن وسيلي ڊيلٽا ٺاهي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سنڌوءَ جا تفصيل، برهما جي بت، راوڙ جي اصل ٿاڪ، پٽالا جي ماڳ ۽ ماڻهن، پالي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سنٻنڌ، سماٽن جي اصليت، ٻڌ ۽ جين ڌرم وغيره موضوعن تي معلوماتي مواد پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ انگريز مصنفن جون تحريرون، رپورٽون، گزيٽيئر، ديهن، تپن ۽ تعلقن جو ن سروي رپورون، انڊس رِوَر ڪميشن جا نقشا، اريگيشن ۽ سيٽلمينٽ رپورٽن کان سواءِ، اليگزينڊر برنس، پوسٽنس، وارٽي، ميڪمرڊو، ڊاڪٽر لارڊ، ٽريمن هير، رچرڊ برٽن، نيپيئر، سر بارٽل فريئر، ايڇ. ٽي. سورلي جا ليک ۽ ڪتاب به گهري اڀياس هيٺ آندا ويا آهن. هن ڪتاب جي خصوصيت اها آهي ته ان ۾ مطالعي هيٺ آيل رپورٽن ۽ ڪتابن مان نقشن، ديهن، مهرن، بتن وغيره جا عڪس ۽ تصويرون به شامل ڪيون آهن.ڊيمي سائيز جي 228 صفحن ۽ رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب زين پبليڪيشن، ڪراچيءَ، 2010ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 350 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو